امام بري جو مقبرو

امام بري جو مقبرو

امام بري

امام بري: مشهور بزرگ امام بريءَ جو اصل نالو شاهه عبداللطيف بري هو، هن ضلعي جهلم (پنجاب) ۾ 1617ع ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو شاهه محمود هو. امام بري ننڍي هوندي کان عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول رهندو هو. خاندان جي ڪجهه مخالف ماڻهن جي ڪري شاهه محمود پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي باغ ڪلان علاقه گولڙا راولپنڊيءَ ۾ اچي رهائش پذير ٿيو، جتي هن پنهنجي فرزند امام بريءَ جي تعليم جاري رکي. امام بري عرفان ۽ علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ حج ۽ مقدس زيارتن لاءِ روانو ٿيو. واپس اچڻ کان پوءِ موجوده اسلام آباد واري علائقي ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائين ۽ اتي رهي رشد ۽ هدايت جو آغاز ڪيائين، سندس علم ۽ ڄاڻ مان لکين ماڻهو فيضياب ٿيا. سندن ڪوششن سان ئي هتي جي ٻن قبيلن ڍونڊن ۽ رسين اسلام قبوليو. سندس ڳوٺ ”چورپور“، هاڻي ”نورپور“ جي نالي سان مشهور آهي. ”حديقته الاولياءَ“ جو صاحب لکي ٿو ته: ”شاهه لطيف بري پنجاب جي بزرگن مان هڪ هو، سندس هزارين ڪرامتون مشهور آهن. هو وڏو عابد، زاهد، متقي، گوشه نشين ۽ هڏ ڏوکي هو. سندس هزارين مريدن مان وڏيون بزرگ هستيون ٿيون. سندس علم ۽ عرفان ڪمال درجي تي پهتل هو“. هن عظيم بزرگ هستيءَ پنهنجي ڳوٺ ۾ 964 هه/1556ع ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو آبپاره اسلام آباد ۾ موجود آهي، جتي اڄ به هر خاص ۽ عام زيارت لاءِ ايندا آهن.


لفظ امام بريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1617.00.00  عيسوي

امام بري: مشهور بزرگ امام بريءَ جو اصل نالو شاهه عبداللطيف بري هو ، هن ضلعي جهلم ( پنجاب ) ۾ 1617ع ۾ جنم ورتو ،


0964.00.00  هجري

امام بري: هن عظيم بزرگ هستيءَ پنهنجي ڳوٺ ۾ 964 هه/1556ع ۾ وفات ڪئي . سندس مقبرو آبپاره اسلام آباد ۾ موجود آهي ، جتي اڄ به هر خاص ۽ عام زيارت لاءِ ايندا آهن .


1556.00.00  عيسوي

هن عظيم بزرگ هستيءَ پنهنجي ڳوٺ ۾ 964 هه/1556ع ۾ وفات ڪئي . سندس مقبرو آبپاره اسلام آباد ۾ موجود آهي ، جتي اڄ به هر خاص ۽ عام زيارت لاءِ ايندا آهن .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جاجگا اٽيفيٽي
نصير سومرو 1
تميم بن العتبي
سنڌ ابن علي
تاج محمد شاهه سيد
تسنيم يعقوب
ايل وي پرانجپي
پٺاڻ آغا طارق
اجتو فقير راڄڙ
ٿڌاڻي ڏيئومل گاگن مل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون